ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڌانڌلي وارين چونڊن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.ڪراچي ۾ پاڪستان هائوس ۾ مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، رئوف صديقي ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته 2018ع جي عام چونڊن جا نتيجا ڪيئن سامهون آيا. خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ڪراچي پنهنجي حقيقي نمائندگي وڃائي چڪو آهي، شهر جي نمائندگي انهن ماڻهن ڪئي جن جو هن شهر سان ڪو واسطو نه هو، هن شهر کي جلد کان جلد اليڪشن جي ضرورت آهي.ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته اسان جلد پر شفاف ۽ غيرجانبدار ۽ قابل قبول چونڊون چاهيون ٿا، سنڌ ۾ نگران حڪومت 15 سالن جي حڪومت جو تسلسل آهي.هنن چيو ته هو رياست کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته اسان کي چونڊون سڀ کان وڌيڪ گهرجن، چونڊون نه رڳو شفاف ٿيڻ گهرجن پر ظاهري به ٿيڻ گهرجن.هن وقت چونڊون صاف ۽ شفاف ٿيندي نظر نٿيون اچن،خالد مقبول صديقي چيو ته هي شهر اهڙين چونڊن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. پنهنجو مينڊيٽ مڃڻ لاءِ روڊن تي نڪرنداسين، نگران وزيراعظم، شفاف چونڊون ڪرائڻ اوهان جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني پيپلز پارٽي جو عهديدار بڻجي ويو آهي، اعجاز انور چوهاڻ ۽ نثار دراني چونڊون قبول نه ڪنداسين،هن اهو به چيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي جون مڪاني حڪومتون شهرن جي نمائندگي نه ٿيون ڪن، پري پول ريگنگ ٿي آهي، جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿي ته پوءِ عوام پاڻ ٻڌائي ته ڇا ڪرڻ گهرجي.










