وزيراعظم سڀاڻي ايران جي دوري تي تهران ويندو

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي (12 آڪٽوبر) تي ايران ۽ سعودي عرب جي ڇڪتاڻ گھٽائڻ خاطر ايران جي سرڪاري دوري تي تهران پهچندو. دوري دوران 13 آڪٽوبر واري ڏينهن وزيراعظم ايراني صدر حسن روحانيءَ سان ملاقات ڪندو. ايراني صدر سان ملاقات بعد وزيراعظم تهران کان سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿيندو جتي هو سعودي بادشاهه، ولي عهد ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل وزيراعظم جي اهڙي دوري جي تصديق ڪئي آهي. اهو پڻ ياد رهي ته وزيراعظم کي اها ٽياڪڙي ڪرڻ جي ذميواري آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي خواهش مطابق ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو