ترقي جو سفر جتان روڪيو ويو  اتان ئي شروع ڪنداسين: نواز

ترقي جو سفر جتان روڪيو ويو اتان ئي شروع ڪنداسين: نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائي ڇڏيندو، ترقي جو سفر اتان ئي شروع ڪندو جتان ڇڏيا هئا. پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد محمد نواز شريف پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ 180 ايڇ ماڊل ٽائون جو دورو ڪيو.وطن واپسي کانپوءِ سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ نواز شريف جو هي پهريون ڏينهن آهي.محمد نواز شريف جي سينٽرل سيڪريٽريٽ پهچڻ تي پارٽي صدر شهباز شريف ٻين اڳواڻن سان گڏ سندس آجيان ڪئي، پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن به محمد نواز شريف سان ملاقات ڪئي.خواجه محمد آصف، جنرل سيڪريٽري احسن اقبال، چيئرمين اليڪشن سيل سينيٽر اسحاق ڊار ۽ مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب ملاقات ڪندڙن ۾ شامل آهن.ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ پارٽي جي مستقبل جي سياسي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان دوران ميان محمد نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي اليڪشن جي تيارين لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

پهنجو تبصرو موڪليو