فيض آباد ڌرڻو ۽ ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ جي تجويز

فيض آباد ڌرڻو ۽ ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ جي تجويز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قصومي اسيمبلي اسيپر راجا پرويز اشرف فيض آبد ڌرڻي ۽ ماضي وساري اڳتي وڌڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. هڪ انٽريو ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ راجا پرويز اشرف سياسي پارٽين وچ ۾ ڊائلاغ ۽ نئين سوشل ڪانٽريڪٽ جي تجويز به ڏئي ڇڏي. راجا پرويز اشرف کان سوال ڪيو ويو ته ڇا فيض آباد ڌرڻي جي ڪردارن کي گهرائي حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن. جواب ۾ هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ان جو اسان کي نتيجو ڏيڻو آهي. اسان 75.76 سال گذرڻ جي باوجود پنهنجي پيرن تي ناهيون بيٺا، هن چيو ته ڇا اسان کي ماضي ۾ هلڻو آهي. يا مستقبل به ڪا شئي آهي. جنهن ۾ قدم رکڻو آهي. مشورو ڪيو، ويهاريو سڀني کي ڪوئي ڊائلاغ اوپن ته ڪريو. راجا پرويز اشرف کان سوال ڪيو ويو ته جرنل رٽائرڊ قمر جاويد باوجوا ۽ جرنل رٽائرڊ فيض کي گهرائڻ ۽ حقيتون سامهون آڻڻ جو مطالبو درست آهي.؟ جواب ۾ هن چيو ته بس اهي ڳالهيون ڪندڙ منهن مٿو پٽيندا ورتن. هڪ انچ اڳتي وڌي نه سگهندا. هي طريقو ٺيڪ ناهي ته هر ٻن ٽن سالن کان پوءِ اوهان ماضي کي کولي ويهي رهو ٿا، هن چيو ته جن قومن ترقي ڪئي آهي ته اهي مستقبل ڏانهن ڏسندڙ قومون هونديون آهن. وقت تي ڪوئي ڳالهه نه ٿو ڪري اها بزدلي جي نشاني آهي. زندهه قوم جنهن وقت غلط ٿي رهيو هوندو آهي. انهي وقت چوندي اهي ته هي غلط ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 5 سال گذرڻ کان پوءِ سڀ اٿي وڃن ٿا. قوم ان سان ڪنفيوز ٿي رهي اهي. ۽ اسان نفرتون فهلائي رهيا آهيون. راجا پرويز اشرف تجويز ڏني ته سياسي پارٽين ۾ ڊائلاڪ ۽ هڪ نئون سوشل ڪانٽريڪٽ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪائي ڳالهه آهي ته اسان کي پاڻ ۾ ويهي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اسان جا دشمن ته هاڻي اهو ڏسي رهيا آهن ته ان کي ڇڏي ڏيو. هي خد ئي پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏي ڏنا. قومي اسيمبلي اسيپڪر چيو ته چونڊن جي تاريخ جو معاملو سپريم ڪورٽ بدران سياسي پارٽين کي طئي ڪرڻ گهرجي ٿا. چونڊن بابت معاملا پارليامانِي ڪم آهي. پارليامينٽ جو وجود چونڊن سان سڌو سنئون ڳنڍيل آهي. بس اها اسان جي بدقسمتي آهي اسان کي اڳتي وڌڻ وآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو