اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گوادر ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي حملي جي مذمت ڪندي ميانوالي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.صدر گوادر حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن کي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو.صدر عارف علوي شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.ان کان علاوه پاڪستان جي صدر ميانوالي ۾ ٽريننگ ايئر بيس تي حملي جي به مذمت ڪئي ۽ سڪيورٽي فورسز پاران دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.صدر عارف علوي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن، هو دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکندا.










