نگران حڪومت نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو

نگران حڪومت نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي سياري ۾ گئس مهانگي ٿيڻ سان رڳو 8 ڪلاڪ ملڻ جي خاطري ڪرائي آهي. توانائي واري نگران وزير محمد علي واهپيدارن کي آگاهه ڪيو ته سياري ۾ گئس مهانگي ٿيڻ سان رڳو 8 ڪلاڪ ملندي، صبح، منجهند ۽ شام جي وقت گئس ملندي پر سياري ۾ 8 ڪلاڪ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن ٻڌايو ته نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ ۾ جيتري گئس آهي ايتري ئي ملندي، نون ڪنيڪشنز لاءِ ملڪ ۾ گئس ناهي.سندس چوڻ هو ته ڊسمبر لاءِ 2 ايل اين جي ڪارگوز جو بندوبست ڪيو آهي ۽ جنوري لاءِ به 2 ايل اين جي ڪارگوز گهرائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو