پرڏيهين جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جو ڪو به امڪان ناهي

پرڏيهين جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جو ڪو به امڪان ناهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي واضح ڪيو آهي ته غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جو ڪو به امڪان ناهي.وفاقي راڄڌاني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته حڪومت طرفان پرڏيهين کي ڏنل الٽي ميٽم ۾ صرف ٻه ڏينهن باقي آهن، اسان جيو ميپنگ ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان جو پلان تيار آهي.نگران گهرو وزير چيو ته 12 کان 15 هزار ماڻهن جو ڪنهن به ملڪ ۾ سرڪاري دستاويزن کانسواءِ اچڻ ۽ وڃڻ ممڪن ناهي، 31 آڪٽوبر کانپوءِ غير قانوني پرڏيهين جي ڪا به جاءِ ناهي.هن چيو ته قلعه عبدالله ۾ پاسپورٽ آفيس به شروع ڪئي پئي وڃي، بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ڪاروبار تي ڪا به پابندي ناهي، اسان رڳو سمگلنگ تي پابندي لڳائي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ نگران گهرو وزير چيو ته چونڊن ۾ سڪيورٽي چئلينج تمام وڏو آهي پر ان چيلينج کي به ڊيل ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو