لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته غزه جي معاملي تي عالم اسلام ۾ قبرستان جهڙي خاموشي ڇانيل آهي.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهيون ڪندي هن چيو ته غزه جي صورتحال تي خاموش رهڻ اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ جي برابر آهي. حڪمرانن اڃان تائين غزه جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان نه ڪيو آهي.جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسرائيل جو هڪطرفو ساٿ وارو اعلان آمريڪا جي کليل دهشتگردي آهي. سراج الحق وڌيڪ چيو ته اسرائيل کي عالمي دهشتگرد قرار ڏنو وڃي. حڪمران فلسطينين جي عسڪري ۽ مالي امداد ڪن. جماعت اسلامي مسلمان ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن سان رابطا ڪري رهي آهي.پريس ڪانفرنس دوران هن اعلان ڪيو ته 29 آڪٽوبر تي آمريڪي سفارتخاني جي سامهون غزه مارچ ڪيو ويندو. اسان کي هاڻ فلسطينين جي حمايت ۾ گهرن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. ياد رهي ته غزه ۾ گذريل ڏينهن اسرائيلي حملن ۾ 182 ٻارن سميت وڌيڪ 704 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هينئر تائين شهيد فلسطينين جو انگ 5 هزار 800 تائين پهچي ويو آهي.اسرائيلي بمباري سبب شهيد ٿيندڙن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ 1100 عورتون به شامل آهن جڏهن ته ٽوٽل زخمين جو انگ 15 هزار کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي جن کي اسپتالن ۾ دوائن ۽ ٻارڻ جي تيل جي کوٽ سبب وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.










