پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو هاري ٽيڪس ادا نٿا ڪن: ورلڊ بئنڪ

پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو هاري ٽيڪس ادا نٿا ڪن: ورلڊ بئنڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ورلڊ بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو هاري ٽيڪس ادا نٿا ڪن، زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس وصولي کي بهتر بڻائڻ سان ٽيڪس جو حصو هڪ سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن نه هجڻ سبب ٽيڪس وصولي متاثر ٿي رهي آهي.رپورٽ موجب ٽيڪس سڌارن تي عملدرآمد سان معيشت ۾ ٽيڪس جو حصو 2 سيڪڙو وڌي سگهي ٿو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 11.4 ملين ماڻهو روزگار تي آهن ۽ 8 ملين ماڻهو انڪم ٽيڪس لاءِ رجسٽرڊ آهن.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪس لاءِ ايف بي آر جو نظام اڃا تائين پيچيدگين جو شڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو