اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي جيان ڪوبه اهڙو ڪم ڪرڻو هجي ها ته ڪري چڪو هجان ها.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهين دوران صحافي اسد عمر کان سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪالهوڪو فيصلو ڪيئن ڏسو ٿا؟ ان تي اسد عمر عدالت جو فيصلو صحيح قرار ڏئي ڇڏيو.صحافي پڇيو ته نوازشريف ملڪ واپس ايندو؟ جنهن تي اسد عمر چيو ته ان فيصلي کان پوءِ اهو سٺو سوال آهي ته نوازشريف واپس ايندو يا نه؟ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ شهباز شريف ڇو خوش آهي؟ اهو منهنجو معصوماڻو سوال آهي اوهان کان؟ هڪ فيصلي تي تحريڪ انصاف به خوش آهي ۽ شهباز شريف به خوش آهي.صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اندر پر اوهان کي رليف ملي ويو آهي؟ ان تي اسد عمر چيو ته سائفر ڪيس ۾ الزام اهو آهي ته جنهن کي سائفر مليو انهن انهي جو صحيح استعمال نه ڪيو. اسان جو اهو مڃڻ آهي ته ان کي قانوني طور استعمال ڪيو آهي.سائفر چئن ماڻهن ڏانهن ايندو آهي. وزيراعظم، پرڏيهي وزير، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ، پلاننگ منسٽر ڪٿان کان اچي ويو. ايف آءِ آر ۾ منهنجو صرف نالو آيو آهي.صحافي طرفان سوال پڇيو ويو ته عثمان ڊار ۽ صداقت عباسي جيان اوهان به پروگرام ۾ ويندو ان تي اسد عمر چيو ته جيڪڏهن مون کي اهڙو ڪوبه ڪم ڪرڻو هجي ها ته هيستائين ڪري چڪو هجان ها.










