اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) 15 ججن تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي اڪثريت راءِ سان آئين مطابق قرار ڏيندي ايڪٽ کي چيلينج ڪرڻ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. چيف جسٽس جا اختيار گهٽائڻ واري هن قانون بابت هي فيصلو 5 جي ڀيٽ ۾ 10 ججن جي اڪثريت راءِ سان ڏنو ويو. اختلاف راءِ ڪندڙ پنج ججن ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن، جن جي نظر ۾ هي قانون آئين مطابق ناهي. اٽارني جنرل عثمان منصور جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. بعد ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته دير تي معافي گهران ٿو، معاملو تمام ٽيڪنيڪل هو، سڀ کان پهريان اڄ جو حڪم پڙهي وٺندس. فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 5-10 جي تناسب سان برقرار رکيو ويو. سپريم ڪورٽ هن قانون جي ماضي کان لاڳو ڪرڻ واري شق کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. ايڪٽ کي ماضي جي اطلاق کي 7-8 جي تناسب سان رد ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ماضي کان لاڳو نه ٿيندو، نواز شريف، جهانگير خان ترين ۽ ٻين کي اپيل جو حق نه ملندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس منصور سميت 7 ججن ماضي جي جي حمايت ڪئي ،ان کان علاوه فل ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جي ڪيسن ۾ اپيل جي شق (184/3) کي 6-9 جي تناسب سان برقرار رکيو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس عائشه. ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد اپيل جي حق جي مخالفت ڪئي.سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو. ياد رهي ته هلندڙ سال اپريل م هڪومت جڏهن هي قانون منظور ڪيو هو ته تڏهوڪي چيف جسٽس عمر عطا بنديال هن قانون جي لاڳو ٿيڻ تي اسٽي جاري ڪندي اطلاق روڪيو هو. آئين مطابق جائز قرار ڏنل قانون موجب آئنده سوئو موٽو يا از خود ڪاروائي جو اختيار چيف جسٽس ۽ ٻن سينئر ججن يعني ٽاپ ٿري سينئر ججن کي ڏنو ويو آهي، اڳ ۾ هي چيف جسٽس جو اختيار هوندو هو ۽ اپيل جو حق به نه هوندو هو. هاڻي متاثره ڌر کي اپيل جو حق به هوندو. عمران خان جي ڀاڻج حسان نيازي فيصلي جي تعريف ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته پنهنجا اختيار گهٽائڻ وارو هي تاريخي فيصلو آهي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر به فيصلي کي ويلڪم ڪندي چيو ته ان جا مستقبل م مثبت نتيجا ايندا.










