اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪ بحريه جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي 7 آڪٽوبر 2023 تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي ۽ ڪمان جي تبديلي جي تقريب 7 آڪٽوبر 2023 تي اسلام آباد ۾ ٿيندي.ترجمان چيو ته وائيس ايڊمرل نويد اشرف 1989ع ۾ پاڪستان نيوي جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، کيس اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف جي عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي.وائيس ايڊمرل نويد اشرف هن وقت نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ چيف آف اسٽاف طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب وائيس ايڊمرل نويد اشرف کي هلال امتياز (ملٽري) ۽ بسالت ميڊل سان نوازيو ويو آهي.










