ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ)ڪوٽلي ستيان ۾ مسافر وين کاهي ۾ ڪري پئي، 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس ذريعن موجب حادثو مسافر وين جي بريڪ فیل ٿيڻ سبب پيش آيو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مسافر وين راولپنڊي کان ڪوٽلي ستين وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.پوليس ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته مقامي ماڻهن جي امدادي ڪارروايون جاري آهن جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن کي به طلب ڪيو ويو آهي.










