هر انچ تي انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪرڻو پيو ته ڪنداسين

هر انچ تي انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪرڻو پيو ته ڪنداسين

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويندو.مستونگ ڌماڪي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته هو شهيدن جي خاندانن جي هر ممڪن مالي مدد ڪندا.جان اچڪزئي چيو آهي ته بلوچستان جو عوام پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي جنگ وڙهي رهيو آهي، سڪيورٽي معاملن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.هن چيو ته شهيدن جي وارثن کي 15 لک، سخت زخمين کي 5 لک ۽ معمولي زخمين کي 2 لک رپيا ڏنا ويندا. صوبائي وزير جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث آهي، سڪيورٽي پلان ٻيهر ترتيب ڏنو پيو وڃي.هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آرمي چيف جو عزم خوش آئند آهي، آرمي چيف جي ويزن ۽ نگران وزيراعظم جي هدايتن تي ڪرنسي ۽ ٻين اسمگلنگ تي ضابطو آندو ويندو.جان اچڪزئي چيو ته اسمگلنگ خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ۽ سخت ڪيو ويندو، دوري دوران آرمي چيف ان عزم جو اظهار ڪيو ته هر شهيد جو بدلو ورتو ويندو.نگران صوبائي سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته آرمي چيف چيو آهي ته هو سمورن دهشتگردن جو خاتمو آڻيندا، مستونگ سانحي ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي 48 زندگيون بچايون آهن.جان اچڪزئي چيو ته سڪيورٽي پلان ۾ ڪمزوريون دور ڪرڻ لاءِ نظرثاني ڪئي ويندي.هن چيو آهي ته پاڪستان خلاف ڪارروايون ڪندڙ اڳواڻن تائين پهچنداسين، جيڪڏهن مستونگ واقعي جا ڪپڙا ڀارت کي مليا ته سخت جواب ڏينداسين.بلوچستان جي نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي منظم سازش ٿي رهي آهي، پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ اهم فيصلا ٿيڻ وارا آهن. هن چيو ته 3 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو، آرمي چيف 10 آڪٽوبر تي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو، ان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو