اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ ملاقات ڪئي.اها ملاقات وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آفيس ۾ ٿي.ان حوالي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ تمام ضروري آهي.










