حاجي شفيع محمد سٺيو
انسان کي فرش کان عرش تائين پهچائيندڙ عظيم شخصيت استاد ئي آهي، استاد هڪ اهڙو ڏيئو آهي جيڪو سماج ۾ جاهلت کي مٽائي جڳ جهان ۾ سرخرو ڪري ٿو. تنهن ڪري چيو ويو آهي ته علم انسان جي ٽين اک آهي. علم کان بغير ماڻهو اڌورو ۽ نامڪمل آهي. انسان جي اندر علم جي شعاع سان پوري سماج ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. هي جيڪا هر طرف جڳ مگ روشن دنيا ڏسو ٿا انهيءَ جي پويان به هڪ ضرور عظيم استاد جو هٿ آهي. هن دنيا ۾ جيڪي به ڪمال درجي جون هستيون ڏسون ٿا آهي لازمن انهن جي پويان به هڪ استاد جو ئي پورهيو شامل حال آهي. پنهنجي سنڌ کي سدائين تعليم جي سلسلي ۾ مھڻا طعنا ڏنا ويندا آهن. ان ۾ ڪافي وڌاء به ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي استادن جون تعليم جي حوالي سان ڌرتي جي سونهن سوڀيا جي حوالي سان پنهنجون ڪاوشون ۽ ڪوششون ڪڏهن به وساري يا رد نٿيون ڪري سگهجن. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي سينئير تجربيڪار استاد ٽيچرس پنهنجي محنت، لگن ۽ جستجو سان مستقبل جي معمار کي تعليم جي زيور سان سنوارڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪندي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي اولاد جيان علم جي روشني سان سنوارڻ لاءِ پتوڙي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته دنيا جو هڪ کليل اصول ضابطا اخلاق آهي ته جيڪو ٻين جي ڀلائي ڪندو الله پاڪ ان جي لاءِ رستا کولي ڇڏيندو آهي. شاعر مطابق : ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو، ڀلائي جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو. ڌڻي رب پاڪ اسان کي ضرور ڀلائي جو صلو ڀاڙو ڏيندو اهو ائين ته جڏهن اسان استاد پنهنجي شاگردن کي بهتر تعليم تربيت ڏينداسين ته لازمي مالڪ الله ڪريم وري اسان جي اولاد کي به بهتر تعليم تربيت سان استادن وٽان فيضياب ڪرائيندو. اسان توهان سڀني کي اهو فڪر ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي اولاد کي پنهنجي ٻارڙن کي بهترين تعليم تربيت جو فڪر ڪندي اوائلي دور جيان جتي اسان جا وڏڙا بهترين تعليم تربيت حاصل ڪندي وڏن وڏن عهدن مرتبن تي پهتا ۽ ملڪ و قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن. اهي درسگاهون ۽ تعليم گاهون سرڪاري اسڪولن ۾ اسان جي وڏڙن کي جهڙي طرح تعليم سان گڏوگڏ ئي بهتر تربيت ملندي رهي اهڙي طرح اڄ سرڪاري اسڪولن ۾ سينئير تجربيڪار استادن کانسواءِ باقي ٻي هنڌ ڀينگ لڳي پئي آهي. رڳو پينٽ شرٽ، شوز ۽ ٽاء پائڻ سان مهذب پڻي جي اميد رکڻ ڪم عقلي آهي. اسان جا والدين انهيءَ خوش فهمي ۾ رهندا آهن ۽ اتي سرڪاري اسڪول کان سواءِ ٻئي هنڌ وڏيون وڏيون فيس فيون برداشت ڪندي ۽ مهينن جا مهينا، بلڪ سالن جا سال اي بي سي کان اڳتي وڌڻ بجاءِ رڳو راندين، ناٽڪ ۽ ٻين هروڀرو جي پروگرامن ۾ مشغول رهڻ جنهن سرگرمين ايڪٽوٽيز ۾ ريجهائي معصوم ٻارڙن کي واپس ڪيو وڃي ٿو، والدين اهو ڪڏهن ناهي ڏٺو ته جيڪي اسان جا گلڙن جهڙا معصوم ٻارڙا صبح کان منجهند تائين پڙهڻ لاءِ ٻارڙا وڃن ٿا انهن کي ڪير پڙهائي رهيا آهن؟ نمبر ٻي ڳالهه ته انهن جي تعليم ڪيتري آهي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته انهن ويچارن بيروزگار نوجوانن کي ڪيتري پگهار ڏني ٿي وڃي؟ جڏهن تعليم مئٽرڪ يا انٽر هوندي، جن جي پگهار صرف ٽي يا چار هزار اهڙي چوٽ چڙهيل مهانگائي ۾ هوندي ته اھي بک بيروزگاري جا ستايل ڪهڙي ۽ ڪيئن سڪون اطمينان واري تعليم ڏيئي سگهن ٿا. ها باقي راند ٺينگ ٽپ ڏياري سگهن ٿا. سرڪاري اسڪولن کان سواءِ باقي گهڻي دولت مال ملڪيت پئسي وارا خوش ٿيندا رهن ٿا ته واهه واهه پر ائين حقيقت کان منهن موڙڻ آهي. جيڪڏهن انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڏٺو وڃي ته سرڪاري اسڪولن ۾ سڀ کان اهم اهميت جوڳي اها ڳالهه سامهون آهي ته پهريان ته سرڪاري اسڪولن ۾ ذميوار سينئير تجربيڪار ٽيچرس استاد صاحبان آهن جيڪي پنهنجي ذميوار انه قومي فريضي تعليم تربيت ڏيارڻ لاءِ سرگرم عمل رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي. اسان جو ۽ حڪومت سنڌ جو سلوگن آهي ته پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ يعني ترقي جو منزلون راهون طئي ڪندي سنڌ ڌرتي. سنڌ جي اندر پهرين آگسٽ 2023 کان پهرين ڪلاس کان پنجين ڪلاس تائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مفت داخلائون شروع ڪيون ويون آهن. سرڪاري اسڪولن ۾ مفت داخلائون، مفت نصابي ڪتاب، مفت تعليم سان گڏوگڏ ئي پڙهندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي حڪومت طرفان تعليمي وظيفا اسڪالرشپ پڻ ڏنا وڃن ٿا. پنهنجي سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين کي گهرجي ته اهي گرمين جي موڪلن کانپوءِ پهرين آگسٽ کان ئي پنهنجي اولاد کي اسڪولن ڏانهن موڪلين ۽ نون داخل نه هجڻ وارن ٻارڙن کي داخلائون ڪرائين. جنهن لاءِ والدين جو تعاون ضروري آهي گلڙن جهڙن ٻارڙن کي اسڪول موڪلي پنهنجو قومي فريضو سرانجام ڏيو، جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻيون مقرره ٽائيم تي پنهنجي بهتر تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. اهڙي طرح پنهنجي اسڪولن جي مالڪي ڪريو ۽ پنهنجي اولاد کي ويجهي سرڪاري تعليمي ادارن اسڪولن ۾ داخل ڪرايو. اهڙي طرح اڄ پهرين آگسٽ تي اچو ته هلون پڙهڻ اسڪول پهرين آگسٽ کان 31 آگسٽ 2023 تائين اسڪولن ۾ مختلف سرگرميون ڪيون وينديون، 7 آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين هفتو حب الوطني وطن ديس ڌرتيءَ سان محبت جو ملهايو ويندو، جڏهن ته اسڪولن ۾ صفائي ۽ وڻ لڳائڻ جي مهم لاءِ به ڏينهن مقرر ڪيا ويندا، سيپٽمبر مهيني ۾ تقريري مقابلا، مضمون نويسي ۽ مصوري مقابلا ٿيندا، ڊيفينس ڊي، ورلڊ لٽريسي ڊي ۽ 11 سيپٽمبر تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه ڊي ملهايا ويندا. اهڙي طرح سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ربيع الاول جي ڀلاري مهيني ۾ آقاء دوجهان رحمت عالميان صلي الله عليه وسلم جي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي مناسبت سان عظيم الشان پروگرام ڪرايا ويندا، پهرين آڪٽوبر تي پيرسن ضعيف بزرگن جو عالمي ڏهاڙو ۽ 5 آڪٽوبر تي ٽيچرس ڊي teachers day تقريبات ٿينديون. نومبر مهيني ۾ شاعر مشرق علامہ اقبال ڊي ۽ چلڊرين منعقد ٿيندا. ڊسمبر مهيني ۾ اسپورٽس ويڪ ۽ سياري جون موڪلون ٿينديون. ائين ئي جنوري 2024 ۾ هفته شاگرد ۽ هڪ ڏينهن اسڪولن جي صفائي جو ملهايو ويندو، فيبروري مهيني ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي، مارچ ۾ پاڪستان ڊي يوم پاڪستان ملهايو ويندو. ائين ئي سڄو سال تعليمي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جو عمل بدستور سرڪاري اسڪولن ۾ جاري رکيو وڃي ٿو.










