حيدرآباد)ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي باجوڙ ۾ جي يو آئي جي ورڪر ڪنوينشن ۾ آپگھاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ شھيدن ٿيلن جي وارثن ۽ جي يو آءِ جي قيادت سان سان تعزيت جو اظھار ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ باجوڙ واقعو وڏي دھشتگردي آھي. دھشتگرد ملڪ ۾ امن، رواداري ۽ ترقي جا دشمن آھن. ھي سال اليڪشن جو آھي، ان موقعي تي دھشتگردي جا شروع ٿين وڏو خطرو آھن.دھشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي علم کي ھٿيار بنائڻو پوندو. جديد جي حساب سان نصاب ترتيب ڏيڻو پوندو. اھڙو نصاب جيڪو سائنسي ھجي. امن ۽ رواداري ھجي. ترقي ھجي. انسانيت جو درس ھجي. دھشتگردي جي واقعن ۾ پرڏيھي ھٿ ملوث آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ ماڻهن لاءِ روز نوان مسئلا، نوان خطرا، نوان عذاب پيدا ڪري رهي آهي. نواز شريف، عمران خان ۽ پرويز مشرف جي حڪومتي دورن ۾ سنڌ جي ماڻھن کي انھن جا گھڻا حق نہ ملي سگھيا، ڪيترن ئي معاملن ۾ سنڌ سان زيادتي ٿي پر سنڌ تہ انھن کي ووٽ نہ ڏنا ھئا، انھن جي ليڊرن جي شھادتن تي خودڪشيون ۽ ھڙتالون تہ نہ ڪيون ۽ نہ ئي 6 ڀيرا انھن کي حڪومت ڏني. اياز لطيف پليجي چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي ٻڌائي تہ پندرهن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڇو لٽي برباد ڪري سنڌي ماڻھن کي ديوار سان ڇو لڳايو پيو وڃي، سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي جيڪا مسلسل پندرهن سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪو بہ واسطو ناهي، پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌي ماڻهن جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارونجھر جي نيلامي، ٻيٽن، زمينن ۽ ڳوٺن تي قبضا، اھي سڀ عمل صرف ڌاڙا ناھن، اھي سنڌين جي نسل ڪُشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جا مختلف سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آھن. سنڌ جو عوام پرامن جدوجھد ذريعي پنھنجا حق وٺندو.










