شخص ڪنهن مسلمان کي ڪافر قرار نه ڏيندو: نظرياتي ڪائونسل

شخص ڪنهن مسلمان کي ڪافر قرار نه ڏيندو: نظرياتي ڪائونسل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل پيغام پاڪستان جي روشني ۾ محرم الحرام لاءِ 18 نڪاتي ضابطن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ مذهبي ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ، حڪومتي قدمن ۽ عالمن جي تجويزن تي غور ڪيو ويو. اجلاس پيغام پاڪستان جي روشني ۾ محرم الحرام لاءِ ضابطا تيار ڪندي ان جي منظوري ڏني، 18 نڪاتي ضابطن تي اجلاس ۾ شريڪ سڀني عالمن صحيحون ڪيون. طئي ٿيل ضابطن موجب سڀني شهرين جو فرض آهي ته رياست سان وفاداري جي حلف کي نڀائين، رياست خلاف هٿياربند ڪارروائي، تشدد ۽ ڏڦيڙ به بغاوت سمجهيو ويندو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪنهن کي اهو حق ناهي ته اهو حڪومتي، هٿياربند فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فردن سميت ڪنهن کي به ڪافر قرار ڏئي، عالم ۽ عوام سيڪيورٽي ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڀرپور حمايت ڪري، فرقيوار ۽ تعصب تي ٻڌل تحريڪن جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪيو وڃي، رياست اهڙن گروهن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. ضابطن موجب ڪو شخص ڪنهن مسلمان جو فرق نه ڪندو، ڪو شخص ڪنهن قسم جي دهشتگردي کي هٿي نه ڏيندو، مسجدن، ممبر ۽ محراب، امام بارگاهن مان چڙ ڏياريندڙ تقريريون نه ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو