راڻا ثناءُ الله جي طبيعت ناساز، اسپتال منتقل

راڻا ثناءُ الله جي طبيعت ناساز، اسپتال منتقل

فيصل آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس فيصل آباد انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي آندو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله کي بخار ۽ لو بلڊ پريشر جي شڪايت هئي، بلڊ پريشر ۽ حالت بهتر ٿيڻ تي کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو