ملڪ ۾ آدمشماري صحيح نه پئي ٿئي: ايم ڪيو ايم

ملڪ ۾ آدمشماري صحيح نه پئي ٿئي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن بيچ لگزري هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ بحث ۾پوري پاڪستان مان حصو وٺندڙ اسٽيڪ هولڊرز درست آدمشماري لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عملي ڪوششن کي ساراهيندي آدمشماري تي ايم ڪيوا يم پاڪستان جي موقف جي کلي حمايت ڪئي ۽ تسليم ڪيو ته ملڪ ۾ آدمشماري درست نه پئي ٿئي شريڪ ٿيندڙن چيو ته ايم ڪيو ايم انگن اکرن جي ثبوتن سان ثابت ڪري ڇڏيو ته آدمشماري ۾ شهري سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد سان جٺ ٿي رهي آهي ۽ ايمڪيو ايم آدمشماري جي مسئلي تي سڄي ملڪ مان اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ڪري ان کي ملڪ ۽ ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو ثابت ڪري ڇڏيو اهي شريڪ ٿيندڙن ايم ڪيو ايم پاڪستان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جنهن نموني ايم ڪيو ايم پاڪستان آدمشماري جي طريقن ۾ ڳجهين ڪمزورين ۽ خامين جي سڃاڻپ ڪئي آهي ان سان نه رڳو ڪراچي نه پر سڄي پاڪستان ۾ درست آدمشمار يجي اهتمام ۾ مدد ملي آهي شريڪ ٿيندڙن اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان عوامي سطح تي جيڪا مهم هلائي آهي هن پاڪستان جي ٻچي ٻچي کي معلوم ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ آدمشماري ٿي رهي آهي ۽ کين گهٽ ڳڻيو پيو وڇي پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي عملي ڪوششن ۽ ثبوتن ۽ شاهدين سان افيسرن کي گهٽ ڳڻجندڙ 56 لک کان وڌيڪ شهرين کي ڳڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان گذريل ڏينهن بيچ لگزري هوٽل ڪراچي ۾ ڪوٺايل وسيع البنياد مقالمي ۾ پوري پاڪستان مان دانشورن، صحافين، سياسي پارٽين جي نمائندن ٿنڪ ٽينڪ جا سربراهه واپارين صنعتڪارن سول رائٽس تنطيمن جي نمائندن بيورو ڪريٽس ۽ مختلف زندگي جي شعبي سان تعلق رکندڙ معززين جو شرڪت تي شڪريو ادا ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو