اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽِ جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو جيڪو صحافي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي وڃي اهو صحافي جي حقن جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي اها ڳالهه هن برطانوي صحافي سڪندر ڪرماني سان ڳالهائيندي ڪئي وفاقي وزير چيو ته ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو اسان جي حڪومت ۾ گم ٿيو هجي ان تي گولي هلائي وئي هئي اغوا ڪيو ويو هجي يا ان جون پاسيريون ٽوڙيون ويون هجن صحافي جي سوال تي هن چيو ته عمران رياض صحافي نه آهي سياسي پارٽي جو ترجمان آهي جيڪو صحافي سياسي پارٽين جي ترجماني ڪري يا تشدد کي هوا ڏي ته ان کي انهن صحافين سان نه ڳنڍيو وڃي جيڪي آزاد صحافت تي يقين رکندا هجن هن سوال تي وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي سندس دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن ته شهبازشريف جي دور ۾ پاڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو صحافين جي نڙي تي ننهن ڏنو. انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا ٽي وي چينل بند ڪيا جڏهن ته اسان جي دور ۾ سڀ ٽي وي چينل هلي رهيا آهن هر اينڪر کي ڳالهائڻ جي آزادي آهي.ڪنهن جو آواز بند ناهي ڪيو ويو ڪنهن هڪ صحافي جونالو ٻڌايو جنهن جي نڙي تي ننهن ڏنو ويو هجي مريم اورنگزيب چيو ته ڪوبه شخص غائب ٿيو هيج ته اسان ان جي مذمت ڪئي آهي عمران رياض جي خلاف عدالتن ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن هن چيو ته اسان جي حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي ملڪ ۾ آزاد صحافت کي هٿي ڏيڻ سان ئي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪ مٿي ٿي آهي.










