جي 20 اجلاس، ڀارت ميزباني جو ناجائز فائدو پيو وٺي: بلاول ڀٽو

جي 20 اجلاس، ڀارت ميزباني جو ناجائز فائدو پيو وٺي: بلاول ڀٽو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻو پوندو. هندستان G20 اجلاس جي صدر جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي.آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پهريون پرڏيهي وزير آهي جنهن آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو.هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ اسان جو پيغام آهي ته اسان سندن انصاف واري جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهيون. ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي آهي، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته ڪشميري عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم عالمي قانونن جي به خلاف آهن. ڪشمير جي ورهاڱي برصغير جي نامڪمل ايجنڊا آهي.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڪاررواين کي هڪ طرفي طور رد ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو