پي ٽي آءِ پاران ميئر ڪراچي لاءِ جماعت اسلامي جي حمايت

پي ٽي آءِ پاران ميئر ڪراچي لاءِ جماعت اسلامي جي حمايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم الرحمان جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ميئر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جماعت اسلامي جي اميدوار جي حمايت ڪندي.ترجمان چيو ته پيپلز پارٽي ميئر ڪراچي جي چونڊ ۾ پري پول ۾ ڌانڌلي ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي سنڌ پوليس ذريعي چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن کي اغوا ڪري رهي آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي 4 ڀيرا ميونسپل اليڪشن تان پوئتي هٽي، هو تڪڙ ۾ ميئر چونڊڻ چاهين ٿا، مڪاني ادارن جي نمائندن جي حلف کڻڻ کان اڳ کين اغوا ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ان معاملي تي عدالت سان به رجوع ڪيو آهي، ميئر جي چونڊ شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجي.ترجمان جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻ نٿا چاهين.

پهنجو تبصرو موڪليو