لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته فوجين جي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث عورتن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو.محسن نقوي چيو ته فوجين جي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث عورتون ڪنهن رعايت جي مستحق نه آهن، انهن ڪيسن ۾ ملوث عورتن جي گرفتاري ليڊيز پوليس سان گڏ يقيني بڻائي وڃي.پنجاب جي نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ داخل ڪيسن ۾ ملوث عورتن کي به گرفتار ڪيو ويندو.ان حوالي سان ترجمان جو چوڻ هو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي پوليس کي عورتن کي حراست ۾ وٺڻ کان روڪيو، 9 مئي تي پنجاب ۾ هن وقت 500 کان وڌيڪ عورتون 138 ڪيسن ۾ گهربل آهن.هن چيو ته جناح هائوس اندر ۽ ٻاهر عورتن جي پاڻمرادو گرفتاري جي صورت ۾ رعايت ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف زمان پارڪ ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي حوالي سان لاهور ويسٽ مينيجمينٽ طرفان صفائي جو عمل جاري آهي.پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران لڳايل بيريڪيڊز هٽايا ويا.زمان پارڪ ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زمان پارڪ جي ٻاهران ڪئنال روڊ اڃا تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي.










