ڀٽائي جو بيت، ڄيٺمل پرسرام ۽ بغاوت ڪيس

ڀٽائي جو بيت، ڄيٺمل پرسرام ۽ بغاوت ڪيس

حسن مجتبي
هي سال ٻه هزار ڏھ واري وڏيءَ ٻوڏ جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ گھڻي ڀاڱي پاڻيءَ هيٺ ٻڏل هئي. ته اهڙي ويل هڪ نوجوان آمريڪي خاتون ڊاڪٽر، جنهن جو ڄم ممبئي جو ۽ پالنا نيويارڪ ۾ ٿي هئي، پاڪستان ۾ سنڌ اچي پھتي هئي. ڊاڪٽر گيت چيناڻي کي هن جي گهر ڀاتين ٻڌايو هوءَ تہ ھو سنڌ ۾ “ ڪنهن شيء“ ڄيٺمل پرسرام جي پڙپوٽي آهي. جنهن کي ڪٽنب ۽ ڪٽنب کان ٻاهر ‘دادا’ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڄيٺمل پرسرام ڪير هو؟ بس گيت کي سندس گهروارن ٻڌايو هو تہ هو ڪو ديش ڀڳت يا فريڊم فائٽر هو جيڪو جيل به ويو هو. پر ڪيئين؟ “ ڏينهن رات پنھنجن ڌنڌن ۾ لڳل دادا ڄيٺمل جي گهرڀاتين يا ڪنهن کي به هن سان واسطو نه هو. ڪٽنب جا اڌ ڀاتي جبرالٽر ۾ وڃي وسيا هئا.۽ اسين اڌ آمريڪا ۾” گيت چيناڻي جوچوڻ هو. پر جڏهن ڊاڪٽر گيت چيناڻي ٻوڏ ستايلن جي سهائتا لاء سنڌ پهتي ته هن کي اتي ساڻس ملڻ جلڻ وارن ٻڌايو ته ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ڪير هو. ڄيٺمل پرسرام ڪيئين ڪتابن جو ليکڪ، شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري جوشارح، ۽ سنڌي اخبار ‘هندواسي’ جو ايڊيٽر هو جيڪو هندوستان مٿان برطانوي راڄ واري زماني ۾ پنهنجي اخبار ۾ هڪ اداريو، ۽ ان ۾ شاه عبدالطيف جو هڪ بيت لکڻ تان چار سال سخت پورهيي جي ٽيپ کائي پونا جي يرودا جيل اماڻيو ويو هو.ڄيٺمل پرسرام حيدرآباد سنڌ کان ڇپجندڙ سنڌي اخبار ۾ اھڙي اداريي جي شروعات سنڌي ٻولي جي اڄ سوڌو سڀ کان وڏي شاعر شاه عبدالطيف جي هن بيت سان ڪيئي هئي، “ ڪلالڪي ھٽ ڪسڻ جو ڪوپ وهي۔” اھو اداريو ٽيهين مارچ اوڻويهه سئو اوڻويهه تي دهلي ۾ احتجاجين مٿان پوليس فائرنگ ۽ پوء ساڳي سال تيرنهن اپريل تي امرتسر ۾ جليانواله باغ ۾ برگيڊيئر جنرل ڊائر جي حڪم تي برطانوي فوج هٿان احتجاجي ميڙاڪي مٿاران هلايل گولي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ قتلام جي خلاف لکيو ويو هو. انھي ملڪ گير سطح واري احتجاج جو سڏ رولٽ ايڪٽ خلاف هندوستاني اڳواڻ ايم ڪي گانڌي ڏنو هو. انگريز سرڪار پاران منظور ڪيل قانون رولٽ ايڪٽ هيٺ ڪنهن بہ شخص کي ڪيس ھلائڻ کانسواء اڻ ڄاتل مدي تائين نظربند رکي پيو سگهجي. انگريز سرڪار ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي خلاف تعزيرات ھند جي قلم هڪ سو چوويهه الف ۽ سيڪشن هڪ سئو ٽيونجاه ھيٺ ڪيس داخل ڪري کيس سورنهن مئي اوڻويهه سئو اوڻويهه تي گرفتار ڪيو . فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ حيدرآباد جي عدالت ۾ مٿائنس تھمت مڙهي وئي ته هن سنڌي اخبار ۾ هڪ اداريو ‘هز مئجسٽي يا هندوستان مٿان قانوني انگريز سرڪارسڳوري’ خلاف يورپ ۽ هندوستان جي رعايا وچ ۾ نفرت ۽ رت ڇاڻ جي واڌ ويجهه ۽ پرچار جي نيت سان لکيو ۽ شايع ڪيو.انگريز سرڪار ان ڪيس ۾ وڏا وڏا عالم ۽ شمس العلماء سرڪاري شاهدن طور پيش ڪيا جن ۾ (عدالت جي فيصلي مطابق) سنڌي ادب ۾ شعر توڻي نثر جو سرتاج سڏيو ويندڙ مرزا قليچ بيگ پڻ شامل هو. دلچسپ لقاءُ هي هو ته ان ڪيس ۾ جج سرڪاري شاهدن جي شاهدين جي مدد سان شاه لطيف جي ان بيت ۾ آيل لفظ ‘ڪلالڪي ھٽ’ جي ظاهري ۽ ڳجهي معني ‘منع ٿيل شراب’ ۽ ‘مقدس شراب’ ۾ ورهائيندي انجي گهرج ۾ شراب جي دڪان تي قطاريندڙ سرويچن يا سرسنباهيو ايندڙن کي دهلي ۽ امرتسر وارن احتجاجين سان جوڙيندي ڄيٺمل پرسرام کي انگريز سرڪار خلاف رت ڇاڻ جي پرچار، بغاوت تي اڪسائڻ ۽ يورپي ۽ هندستاني رعايا وچ ۾ نسلي نفرت اڀارڻ جو ڏوهاري ٺهرايو. ۽ ڄيٺمل پرسرام کي چار سال سخت پورهيي واري قيد ۽ هڪ هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. پوء سزا خلاف اپيل جي نتيجي ۾ چار سالن جي سزا گهٽائي ٻه سال ڪئي ويئي. هن تاريخي ڪيس کي ‘ ھندواسي بغاوت ڪيس سڏيو ويندو آھي. ڄيٺمل پرسرام قيد دوران هڪ ڪتاب ‘ترم تيرٿ’ جي سري هيٺ لکيو يعني ‘جيل جي زيارت’ جيڪو ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ پهرين جيل ڊائري آهي.هي جيل ڊائري هاڻ اڻلڀ آهي. پرسال ٻه ھزار ٻارنهن ۾ ڀارت ۾ ڇپجندڙ هڪ ڪتاب ‘ڪليات ڄيٺمل’ ۾ انهي جيل ڊائري جا ڪجهه صفحا ملن ٿا جنهن ۾ ڄيٺمل هڪ سوڙهي ۽ اونداهي ڪوٺڙي جو ذڪر ڪري ٿو جتي جي فرش تي هر هنڌ جيتن ماڪوڙن جا ٻر هئا. ڄيٺمل پرسرام کي اهڙي ئي سوڙهي ۽ اوندهي ڪوٺڙي ۾ بند رکيو ويو هو ڇاڪاڻ ته هو سنڌي اخبار ۾ حيدرآباد جيل منجهه قيد قيدين جي بري حالتن بابت لکندو رهيو هو. انهي ڊائري ۾ هو لکي ٿو “ھتي مقصد پنهنجو ڏکڙو روئڻ ڪونهيم پر اهو ٻڌائڻ آهي ته بيٺڪي حڪمران مقامي ماڻهن سان ڪيڏو نه الاهي اڍنگو سلوڪ ڪن ٿا. “ هن کي پورهيي لاء ڪتڻ ڪاڻ سٽ ۽ چرخو ڏنا ويا. يعني سنڌي ۾ حسرت موهاني چواڻي “ آ مشق سخن جاري ۽ چڪي جي مشقت ڀي.”پر ٺيڪ هڪ سال اندر هندوستان ۾ سمورن سياسي قيدين کي رها ڪيو ويو ته ڄيٺمل پرسرام به رها ٿي آيو. چون ٿا ته حيدرآباد جي شهرين ڄيٺمل جو بيمثال استقبال ڪيو هو. اخبار هندواسي تي ته پابندي پئجي چڪي هئي پر پوء هو ‘ڀارت واسي’ ۽ ‘سنڌ هيرالڊ’ جي نالن سان اخبارون ڪڍندو رهيو هو. ”جيڪڏهن ڄيٺمل پرسرام سنڌي اخبار هندواسي ۾ اهڙو اداريو نه لکي ها، هن کي انتي سزا به نه ملي ها ته پوء شاه عبدالطف ڀٽائي ۽ هن جي شاعري پڻ زمانن تائين انگريزي پڙھڻ وارن جي دنيا ۾ شايد ئي ڄاتي وڃي ها. ڇاڪاڻ ته ڄيٺمل پرسرام کي سزا ڏيڻ وارو جج ڪو ٻيو نه پر ايچ. ٽي سورلي هو جيڪو حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. ڄيٺمل کي سزا ڏيڻ کانپو سورلي ان ڳوڙهي ويچار ۾ پئجي ويو ته آخر هي ڪهڙو سنڌي شاعر آ جنهن جي بيت جي هڪڙي سٽ هڪ ايڊيٽر کي سزا کارائي ڇڏي ته هن جي سموري شاعري ڪھڙي هوندي؟ سورلي شاه عبدالطيف جي شاعري ۽ زندگي بابت ڳوڙهي اڀياس ۾ جنبجي ويو. ۽ اهو ئي ڪارڻ هو جو سورلي پهريون شخص هو جنهن شاه عبدالطيف جي شاعري جو انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڪري هن کي ٻاهرين دنيا سان متعارف ڪرايو.“ هي ڪهاڻي سنڌ ۾ هر خاص عام جي وائي وات آهي يا هڪڙي ليکي ڏند ڪٿا بڻيل آهي. زباني، ڪلامي توڻي لکت ۾. پر ليکڪ ۽ تاريخدان اهڙي ڪهاڻي بابت ورهايل آهن. ممتاز مهر سنڌي ادب جو ناميارو نقاد ۽ ليکڪ آهي. اهو سوال جڏهن مون هن کان پڇيو ته هن جوچوڻ هو، ” ڏيا رام شاهاڻي ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي بانين ۽ اڏيندڙن مان هو. هن جو پٽ ڪيولرام جيڪو پاڻ ٿيوسافسٽ هو تنهن ساڻ اڻويهه سو اسي جي ڏهاڪي ۾ ڪلفٽن ۾ سندس گهر تي منهنجون ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون هيون هن پاڻ سورلي جي ڄيٺمل ڪيس ۾ جج هجڻ جو ٻڌايو هو. پر خبر ناهي ڇو سورلي پنهنجي ڪتابن ۾ ڄيٺمل کي سزا ڏيڻ جو نه باسيو آهي. هن کي اهو اعترف ڪرڻ گهربو هو پر ايچ. ٽي. سورلي پنهنجي ڪتاب ‘ڀٽ جو شاھ عبدالطيف; سندس شاعري، زندگي ۽ زمانو’ ۾ ٻن هنڌن تي ڄيٺمل کي واکاڻيندي لکي ٿو “ سنڌ جي صوفي روح ۽ ان حوالي سان شاھ عبدالطيف کي سمجهڻ وارو ڄيٺمل پرسرام جهڙو سنڌ ۾ ٻيو ڪير ڪونهي.” ايچ. ٽي سورلي جواهو ڪتاب اصل ۾ ٽن ڪتابن تي ٻڌل هڪڙو ڪتاب آهي جيڪو ارڙنهين صدي جي سنڌ جي ادبي، سماجي، اقتصادي حالتن ۽ شاه جي رسالي مان چونڊ بيتن تي هڪ انتهائي ڳوڙهو اڀياس آهي. ھن ايڪويهين صدي ۾ شاه عبدالطيف جي شاعري جي هڪ ٻي انگريزيڪار ايملي هائوز جيڪا آمريڪا جي رياست پينسيلوانيه جي رهواسڻ آهي، ۽ ڪيئين ڀيرا سنڌ ۽ اتي ڀٽ شاه ۾ شاه عبدالطيف جي مزار به ڀيٽي چڪي آهي، ويندي رهي ٿي، تنهن جو چوڻ هو، سورلي جو اهو ڪتاب انتهائي دل کي وڻندڙ آهي ۽ اڪثر حوالن ڪاڻ سندس اڀياس گهر ۾ هميشه موجود هوندو آهي. حبيب سنائي سنڌ تي هڪ اونهو کوجناڪار آهي. هن کان جڏهن مون ايچ. ٽي سورلي ۾ اهڙي تبديلي جي ڪهاڻي بابت پڇيو ته هن چيو” جيتوڻيڪ ايچ. ٽي سورلي شاه لطيف جو پهريون مترجم ۽ سوانح نگار هو پر ڄيٺمل پرسرام جي حوالي سان اھڙي ڳالهه نه سورلي جي ڪنهن ڪتاب ۾ آهي، نه ڄيٺمل جي خلاف ججمينٽ ۾ جج سورلي ملي ٿو. پر اها ڪهاڻي ڏاڍي عام پر بس ڪهاڻي ئي لڳي ٿي.” پوء هن چيو “قومن لاء ڏندڪٿائون ضروري هونديون آهن.” ڄيٺمل پرسرام ٻاويهن کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ ۽ سنڌيڪار هو جن ۾ هن جو انگريزي ۾ جڳ مشهورڪتاب ‘سنڌ جا سنت ۽ صوفي’ ۽ ڪارل مارڪس جي سوانح عمري، جرمن شاعر گوئٽي جي ‘فائوسٽ’ جو سنڌي ترجمو پڻ شامل آهي. هو پنهنجي دور ۾ شاه عبدالطيف جي ٻن وڏن شارحن مان هڪڙو هو ( ٻيو ڊاڪٽر گربخشاڻي هو)۔پر آئون چوان ٿو ته شاھ لطيف جي شاعري جنهن ارڙنهين صدي واري سنڌ جي بيان ۾ نه ڪري سگهجندڙ حالتن ۽ سماجي زندگي ۾ پنهنجو تخليقي سفر جاري رکيو ۽ پنهنجي اندر ٻولي ۽ ويچارن جي اهڙي ڪائنات سموئيل آهي جو اڄ ايڪويهين صدي ۾ به حال ۽ آئيندي جي شاعري لڳي ٿي.ورهاڱي دوران ڄيٺمل پرسرام سنڌ جي هندن وٽ کين منٿ ميڙ ڪرڻ ويو هو ته هو سنڌ کي ڇڏي نه وڃن. ڄيٺمل جو پنهنجو خاندان هن جي اولاد سميت ڀارت نقل وطني ڪري ويو پرڄيٺمل پرسرام سنڌ ۽ نئين ملڪ ۾ رهيو. هو سخت بيمار ٿي پيو ۽ علاج بهاني کيس بمبئي نيو ويو جتي هو جولائي اڻويهه سو اٺيتاليهه ۾ گذاري ويو.گيت چيناڻي جيڪا ٽي سال سنڌ سميت پاڪستان ۾ رهي آئي آهي، منهنجي ان سوال ته اڄ ڏينهن تائين ڄيٺمل پرسرام کي آزادي جي سورمي يا فريڊم فائٽر طور ڀارت يا پاڪستان ۾ ڇو ڪونه مڃتا ڏني ويئي؟ جي جواب ۾ سندس چوڻ هو “دادا ھندوستان ۾ رهيو ئي ڪڏهن هو؟ اسين جيڪي ورهاڱي وقت سنڌ کان شرنارٿي بڻجي پهتا هئا سين انهن کي ته هندوستان ۾ پاڪستاني، جاسوس، “۽ الله ڇو ٿا چئو؟” جا مھڻا ڏنا ويا.جڏهن ته پاڪستان جهڙي اسلامي رياست ۾ ڀلا هڪ هندو کي ايڏي مڃتا ڪيئين پئي ملي سگهي.”پر ٻنهي ملڪن ۾ هر دور جون حڪومتون پنهنجن سياسي مخالفن جي خلاف انگريزن جي جوڙيل هڪ سو چوويهه الف وغيره جھڙن قانونن هيٺ بغاوت جا ڪيس اڄ سوڌو داخل ڪنديون پئي رهيون آهن.
)حسن مجتبي ايوارڊ ورتل گهڻ ٻولي صحافي ۽ ليکڪ آهي. سنڌي، اردو، انگريزي ۽ پنجابي ٻولين ۾ لکي ٿو(
حسن مجتبي سان لهه وچڙ لاء هن جي اي ميل ايڊريس آهي:
hmujtabaonly@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو