اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف 27 اپريل تي قومي اسمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ اتحادي ڌرين کي پنهنجي پنهنجي ميمبرن جي ايوان ۾ موجودگي کي يقيني بنائڻ لاءِ چيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم ان ڏس ۾ پارٽي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ نواز شريف به اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد ملڪ ۾ جاري عدالتي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ لاءِ اهم انتظامي حڪم جاري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.










