اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) پاڪستاني پارليمان جي ايوان بالا يعني سينٽ مان پڻ قومي ۽ چئني صوبائي اسمبلين جي چونڊ هڪ ئي وقت نگران حڪومتن جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي. اهڙو ٺهراءُ بلوچستان جي سينيٽر طاهر بزنجو پيش ڪيو. هن ٺهراءَ جي پي تي اءِ جي ميمبرن مخالفت ڪندي پناجب م چونڊ 4 مئي تي ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل جو مطالبو ڪيو. جڏهن ٺهراءُ پاس ٿي ويو ته پي ٽي آءِ جا سينيٽر نعرا هڻندا ايوان کان ٻاهر هليا ويا. يياد رهي ته قومي اسمبلي اهڙو ٺهراءُ اڳ ۾ ئي منظور ڪيو آهي. ٻئي پاسي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق پنجاب ۽ ڪي پي اسمبلين جي چونڊ لاءِ 21 ارب روپين جي اضافي بجيٽ جي منظوري لاءِ مني بل قومي اسمبلي ۾ پيش ڪيو آهي. بل پيش ڪرن وقت اسحاق ڊار چيو ته قومي ۽ چئني صوبائي اسمبلين جي چونڊ هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجي.










