عيدالفطر 22 اپريل ڇنڇر تي ملهائي ويندي: ريسرچ ڪائونسل

عيدالفطر 22 اپريل ڇنڇر تي ملهائي ويندي: ريسرچ ڪائونسل

لاهور (ويب ڊيسڪ) چنڊ نظر اچڻ واري ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي چيو آهي ته خميس 20 اپريل جي شام جو چنڊ نظر نه ايندو.عيدالفطر 22 اپريل 2023 بروز ڇنڇر تي 30 روزا پوري ڪرڻ بعد ملهائي ويندي.هن چيو ته نئين چنڊ جي پيدائش خميس 20 اپريل تي پاڪستاني وقت موجب رات 9 لڳي 13 منٽن تي ٿيندي. ان ڏينهن يعني 29 رمضان المبارڪ تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر جيڪا ڏسڻ لاءِ 19 ڪلاڪن کان وڌيڪ هجڻ گهرجي، پاڪستان جي سمورن علائقن ۾ 10 ڪلاڪن کان گهٽ هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو