ملڪ جي موجوده سياسي اٿل پٿل ۾ سنڌ جو عوام ڪٿي بيٺل آهن

ملڪ جي موجوده سياسي اٿل پٿل ۾ سنڌ جو عوام ڪٿي بيٺل آهن

محمد خالد ميمڻ
پاڪستان ٺھڻ بعد هي 76 هون سال هلي رهيو آهي تاريخ جي مطالعي مطابق پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد سنڌ وارن پيش ڪئي ۽ پاڪستان ٺاهڻ لاء وڏي ۾ وڏي قرباني به سنڌ صوبي ڏني پر پاڪستان ٺھڻ بعد هن مهل تائين به سنڌ جو عوام ۽ خاص طور سنڌين سان نارواسلوڪ ٿيندو پئي آيو جو سنڌ جي هڪ جينيئس انسان وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي جنهن جي خلاف سنڌ جي عوام ۾ ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل ضيا ۽ سندس ساٿارين خلاف سخت نفرت جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان جي خلاف ايم آر ڊي جهڙي تحريڪ پڻ هلي ۽ ان خلاف سنڌ جي ماڻهن خاص طور سنڌين ۾ ايتري ته ڪاوڙ نفرت هئي ۽ آهي جو اڄ ڏينهن تائين اهو نالو ضيا ڪير به رکڻ پسند ناهي ڪندو ۽ وري ان ئي جنرل هڪ سنڌي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي سندس سچائي سبب وزارت عظمي تان بنا ڪنهن سبب لاهي ڇڏيو ۽ ان کان بعد پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ سرعام شهيد ڪيو ويو جنهن سبب سنڌي عوام جي ذهنن ۾ اها ڳالھ ويهي وئي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ڪري هن مهل تائين اسان سنڌين کي پاڪستاني ناهي سمجهيو ۽ اهي اسان کي پرائو سمجهي ائين ئي بي يارو مددگار ماري رهيا آهن ۽ اسان جن سنڌين اسان جي وڏن وڌ ۾ وڌ قربانيون ڏئي پاڪستان ٺاهيو انهن لاء هي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري سنڌين جي دلين اندر پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ خلاف ويتر ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ اضافو ٿي ويو ۽ سنڌين ٻين سڀني پارٽين کي ڇڏي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي کي پنهنجي همدرد پارٽي سمجهي ان جو هميشه لاء ساٿ ڏيڻ جو پڪو پھ ڪيو ۽ ان وقت پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري اقتداري ڌرين سان ڳالھ ٻولھ بعد پاڪستان کپي جو نعرو هڻي انهن سان ٺاه ڪري پنهنجي اقتدار لاء راه هموار ڪئي ۽ ائين سنڌين پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنو ۽ پ پ پهريان وفاق ۽ صوبن ۾ ۽ بعد ۾ مسلسل پندرهن سال هن مهل تائين صوبي سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي ٿي اچي ۽ ٻيون پارٽيون جن ۾ نواز ليگ پي ٽي آئي اهو چئي سنڌ ۾ ڪوبه ڪم نه پيون ڪن ته سنڌي ته هونئن ئي پيپلزپارٽي جا ووٽر آهن ۽ اهي اسان کي ووٽ نه ڏيندا ان ڪري سنڌ ۾ اسان ڇو ٽائيم وڃايون ان ڪري سڀني وفاقي سطح جي پارٽين سنڌ جي ماڻھن کي پيپلزپارٽي جي هنج ۾ هميشه لاء اڇلائي ڇڏيو ۽ ان ڪري اڄ جڏهن ٻين صوبن ۾ جيڪا سياسي اٿل پٿل لڳي پئي آهي ۽ اقتداري رساڪشي پارليامينٽ کان سپريم ڪورٽ تائين پهچي چڪي آهي ۽ اتي ڪا نه ڪا سياسي تبديلي تمام جلد اچڻ واري آهي پر سنڌ جا ماڻھو ان ۾ سواء پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي عام ماڻھو بلڪل به شامل ناهي ڇوته سڀڪو سمجهي ٿو ته وفاق سميت ٻين صوبن ۾ ڀلي ڪهڙي به تبديلي اچي پر سنڌ ۾ وري به پيپلزپارٽي ئي حڪومت ٺاهيندي ڇوته سنڌي ماڻھو پيپلزپارٽي کانسواء ڪنهن ٻي پارٽي کي ووٽ نه ڏيندا ۽ ان سوچ جي ڪري اسان سنڌي بلڪل اڪيلا ٿي ويا آهيون ۽ نه چاهيندي به پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور آهيون ڇوته اسان لاء ٻيو ڪوبه آپشن ناهي ڇڏيو ويو جڏهن ته ان سياسي هڪ هٽي جي ڪري پيپلزپارٽي جي حڪومت اسان سنڌ واسين کي گذريل مسلسل پندرهن سالن کان پنهنجي آڱرين تي نچائيندي ٿي رهي ۽ اهي جيئن وڻي تيئن ڪندا ٿا رهن ۽ سنڌ جي عوام کي رڳو پينو فقير بڻائي ڇڏيو اٿن بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي اسان جي عورتن جي تذليل روز جو معمول بڻيل آهي ۽ هاڻي وري ان نالي سان اسان جي معصوم شاگرد شاگردياڻين کي به ان نشي جو عادي بڻايو پيو وڃي نه ته هنن کي گهرجي هان ته ان نالي سان عوام کي ننڍا ننڍا ڪاروبار کولي ڏين هان ته جيئن سڀ ڪو ڪاروبار ڪري پيسا ڪمائي عزت سان رهي هان پر هنن کي باشعور قوم نه پر بي شعور قوم کپي جيڪي هنن جي طرفان هر کاتي ۾ ڪيل ڪرپشن ۽ ٻين ناانصافين خلاف ڪو آواز نه اٿاري سگهن اهي بس ان پنڻ واري نشي ۾ مشغول ٿي ڪري هنن جي جلسن جلوسن ۾ ناچ ڪندا رهن ۽ هنن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تي ويهاريندا رهن ان لاء منهنجي سنڌ واسين کي هٿ ٻڌي گذارش آهي ته خدارا جاڳو ۽ پنهنجا جائز حق گهرو پوء اگر اوهان کي اوهان جا جائز حق ن ليگ ڏئي پي ٽي آئي ڏئي پيپلزپارٽي ڏئي ته ان کي ووٽ ڏيو ۽ اکيون کولي پنهنجا سياسي نمائنده چونڊيو جيڪي اڳتي هلي ڪري اسيمبلين اندر اوهان جي صحيح نموني سان نمائندگي ڪندي اوهان کي بهتر تعليم بهتر روزگار بهتر صحت جون سهولتون مهيا ڪن نه ڪي اوهان کي چند ڏوڪڙ ڏئي پينو فقير بڻائي ڇڏين ۽ ٻينن وفاقي پارٽين ن ليگ پي ٽي آئي سميت ٻين پارٽين کي به گهرجي ته اهي به سنڌ اندر اچي ڪم ڪن ۽ سنڌ جي عوام جا جائز مسئلا ٻڌن ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاء ڪوششون ڪن ته جيئن سنڌ جي عوام جو ٻين پارٽين تي به اعتبار قائم ٿئي ۽ مون کي يقين آهي ته سنڌ واسي هن دفعي جذبات کي ڇڏي ڪري ميريٽ تي ووٽ ڏيندا ۽ اهڙا نمائنده چونڊيندا جن لاء اڳتي هلي ڪري اسان کي ڪا پشيماني نه ٿيندي پر جيڪڏهن هن دفعي به اسان پهريان وانگر پراڻي ڊرامي هلڻ تي جذبات جي وهڪري ۾ وهي ساڳين ڪرپشن جي ماهر نمائندن کي چونڊيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ اسان جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ وارو ڪير به نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو