ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ پئسا ڏي ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي حاصل ڪري جمعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ٻڌڻي ڪندي حليم عادل شيخ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي ڪهڙو خطرو آهي ڇو سيڪيورٽي گهرجي ڇا اوهان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني آهي حليم عادل شيخ جواب ڏنو ته مان عوام لاءِ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريان ٿو صوبي ۾ جتي به مسئلا هجن اتي وڃڻو پوي ٿو مون تي حملا ڪيا ويا منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته اوهان سياستدان آهيو هتي سياست مشڪل ڪم آهي حليم عادل شيخ چيو ته مون تي ڪيس داخل ڪرايا ويا منهنجي سيڪيورٽِ واپس ورتي وڃي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن ڪيس داخل ڪرايو حليم عادل جواب ڏنو ته سنڌ سرڪار ڪيس داخل ڪرايا مون تي حملا ٿي چڪا آهن جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڊيڄارڻ لاءِ ڪيو هوندو اوهان سوچو انهن ڪيس داخل ڪرايا ته ڪيئن سيڪيورٽي فراهم ڪندا اوهان چاهيو ته پرائيويٽ گارڊ رکو جن ماڻهن کي سنڌ حڪومت سيڪيورٽي ڏئي ڇڏي آهي اها به غلط آهي حليم عادل شيخ چيو ته انهن ماڻهن پنهنجن دوستن کي به پوليس جي سيڪيورٽِ ڏئي ڇڏي آهي مون کي پهريان به سيڪيورٽي ڏني وئي هئي عدالت چيو ته پهريان کي ڇڏيو قانون اجازت نٿو ڏي ته اسان پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم نٿا ڏئي سگهون پئسا ڏيو ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي رکو قانون اجازت ڏي ٿو ته هاڻي ٻه پوليس موبائلون درجن اهلڪار ۽ رينجرز جا گارڊ به فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون ها هتي جنهن وٽ دولت آهي اهو پاڻ کي خدا سمجهي ٿو پرائيويٽ گارڊ رکي ٿو ۽ رستن تي عوام کي هيسائيندو رهي ٿو ان موقعي تي عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته عوام کي هيسائيندڙ پوليس ۽ پرائيويٽ گارڊ کي چيڪ ڪريو گهرو کاتي جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته حليم عادل شيخ چاهي ته سيڪيورٽي لاءِ پرائيوٽ گارڊ رکي سگهي ٿو عدالت حليم عادل شيخ جي وڪيل جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










