چين 2 ارب ڊالر  جو سيف ڊپازٽ  قرض رول اوور ڪري ڇڏيو

چين 2 ارب ڊالر جو سيف ڊپازٽ قرض رول اوور ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چين پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالرن جو سيف ڊپازٽ قرض ڏنو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چين هڪ سال لاءِ 2 ارب ڊالرن جي محفوظ ذخيرو جي واپسي ۾ دير ڪئي آهي.ذريعن موجب سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان به مالي امداد جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان معاهدي لاءِ پرڏيهي فنانسنگ جي تصديق جي ضرورت آهي.ذريعن موجب ساڳئي مهيني ۾ چين مان وڌيڪ 300 ملين ڊالر پاڪستان آيا آهن، جڏهن ته ساڳئي مهيني ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 5 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي مالي سهڪار کانپوءِ پاڪستان ايندڙ قدم کڻي سگهندو، پاڪستان کي ٻين مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان به مالي سهڪار کي يقيني بڻائڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو