اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت رائو انوار جو نالو ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته اي سي ايل مان نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي.










