خانپورمهر (رپورٽ:آفتاب سيال) ڳوٺ لونگ گڏاڻي تي ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ايس ايڇ او خانپور مهر قابل ڀيو جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪئي وئي، پوليس چڙهائي دوران ٻن ڄڻن کي کنڀي وئي، چڙهائي دوران عورتن تي تشدد سبب معصوم نينگري زينت ڌيءَ وزير گڏاڻي ڪرڻ سبب مڻڪو ڀڄڻ سبب فوت ٿي وئي، هوڏانهن پوليس چڙهائي خلاف عورتن مومل گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عورتن چيو ته پوليس اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي اسان جي ماڻهن کي ناحق گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي،پوليس تشدد دوران اسان جي نينگري فوت ٿي وئي آهي پوليس جي خوف کان مرد گهرن کان نڪري ويا آهن، عورتن ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي ظلم جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانپورمهر قابل ڀيو ٻڌايو ته اسان جي پوليس لونگ گڏاڻي تي چڙهائي نه ڪئي آهي نه ڪا ڇوڪري پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿي آهي.










