ريتي بجري مافيا ملير جي قدرتي سونهن وڃائي ڇڏي آهي

ريتي بجري مافيا ملير جي قدرتي سونهن وڃائي ڇڏي آهي

ڪراچي (رپورٽر )ملير جي علائقي يوسي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ مھراڻ اين جي اوز طرفان عورتن جو عالمي ڏڻ جي ھڪ تقريب منقد ڪئي وئي تقريب ۾ ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪونسل ڪراچي نورحسن جوکهيو ـ ريجنل مينيجر ھينڊز خليل واڊيلو منيجر سوشل موبلائيزيشڻ علي بخش خاصخيلي انور بروھي سابقه انجنيئر حاجي حبيب الله ميمڻ ڪراچي رول نيٽ ورڪ ڪرن جي جنرل سيڪريٽري سليم جي ميمڻ قادر ڪلمتي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ملير ۾ ادارن جي ڪمي آھي ريتي بجري جي چوري جي ڪري ملير جو گرين بيلٽ تباھ ۽ برباد ٿي ويو ملير سنڌ جو دل آھي ملير جي ٻھراڙي جون عورتون مشڪلاتن جي ور چڙھيل آھن عورتن کي حق نٿا ڏنا وڃن حڪومت سنڌ کي گھرجي ملير ۾ عورتن کي روزگار جي حوالي مالي مدد ڪري پروجيڪٽ قائم ڪيا وڃن ۽ عورتن کي سھولت ڏني وڃي تعليم جي حوالي سان اويرنيس ڏيڻ لاء مختلف طريقي جا پروگرام ڪرايا وڃن ان موقعي تي ايڊوڪيٽ جميلا ميمڻ زبير جوکيو ياسين بنديچو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو