اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي شيڊول جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿي سگهن ٿيون.اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ نئين آدمشماري جي بنياد تي تڪ بندين جو فيصلو ڪيو آهي، تڪ بندين لاءِ 4 مهينا وقت ڏنو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿي سگهن ٿيون.تڪ بندين جي حتمي پڌرائي 14 ڊسمبر تي ڪئي ويندي.سڄي ملڪ ۾ 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين چونڊون ڪرايون وينديون.آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين تڪ بندين بابت تجويزون ڏنيون وينديون، 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن جي ڪوٽا مختص ڪئي ويندي.تڪبندين جا انتظامي معاملا 31 آگسٽ تائين مڪمل ڪيا ويندا. اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد سميت چئني صوبن جون تڪ بنديون ڪميٽيون 21 آگسٽ تائين قائم ڪيون وينديون، اليڪشن ڪميشن 10 نومبر کان 9 ڊسمبر تائين تڪبندين تي اعتراضن جو فيصلو ڪندي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 14 ڊسمبر تائين نئين تڪبندين کي حتمي شڪل ڏني ويندي، 14 ڊسمبر تائين تڪ بنديون مڪمل ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو اعلان ڪندي.اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته ڊجيٽل مردم شماري جي حتمي پبليڪيشن ٿي چڪي آهي، اليڪشن ايڪٽ موجب اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندين جو پابند آهي.
