9 مئي ڪيس،خان سميت سمورن جوابدارن تي بغاوت جا قلم شامل

9 مئي ڪيس،خان سميت سمورن جوابدارن تي بغاوت جا قلم شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) 9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت سمورن جوابدارن جي چالان ۾ بغاوت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش معسود ٻڌايو ته 9 مئي جي مُک ڪيس سميت سمورن ڪيسن ۾ 120 بي جا قلم لڳايا ويا آهن.پوليس موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي واقعي واري هنڌ غير موجودگي جي باوجود سندس خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ ۽ منصوبه بندي جون شاهديون مليون آهن.پوليس موجب پراسيڪيوشن طرفان چالان تي اعتراض لڳائڻ کان پوءِ بغاوت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن ان ڪري چالان جمع ڪرائڻ کان اڳ پراسيڪيوشن جا سمورا اعتراض ختم ڪيا ويا آهن. هاڻ ايجنسيز جي رپورٽ ملڻ تي چالان جمع ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو