9 مئي ڪميشن ٺاهڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مهلت

9 مئي ڪميشن ٺاهڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مهلت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 مئي سان لاڳاپيل عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ عمران خان جي درخواست تي پي ٽي آءِ کي وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ 9 مئي جي حوالي سان عدالتي ڪميشن جي قيام لاءِ پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل حامد خان دليل پيش ڪيا.ٻڌڻي دوران جسٽس جمال پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيل کان پڇيو ته توهان درخواست ۾ لکيو آهي ته 9 مئي جي واقعي ۾ درجنين شهري مارجي ويا هئا، ڇا توهان ڪنهن به فوت ٿيل شهري جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لڳايو آهي؟ ڪو اسان کي سند ڏيکاري ها.جسٽس امين الدين خان چيو ته جيڪڏهن ڪا ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ته انهن کي اها ڏيکارڻ گهرجي، جڏهن ته جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته انهن کي 9 مئي جي واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن بابت ڪجهه ميڊيا رپورٽون شامل ڪرڻ گهرجن ها.عدالت بعد ۾ ٻڌڻي غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ کي وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو