لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي جي آءِ ٽي سربراهه کي 9 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.ٻڌڻي دوران جج ارشد جاويد رمارڪس ڏنا ته سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت گڏجي ٻڌنداسين.جج ارشد جاويد چيو ته جيڪڏهن انهن ڪيسن ۾ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي آهي ته ان جو سربراهه پيش ڇو ناهي ڪيو ويو؟ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته مون تي 9 مئي تي ڪو به الزام ناهي ۽ 7 مئي تي ٿيل ملاقات جي سازش سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي.










