9 مئي سان واسطو ناهي، 8 مئي کان 16 مئي تائين نه هيس: شيخ رشيد

9 مئي سان واسطو ناهي، 8 مئي کان 16 مئي تائين نه هيس: شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد 9 مئي سانحي کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو 8 مئي کان 16 مئي تائين هتي نه هو.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز 9 مئي تي شيخ رشيد ۽ شيخ رشيد شفيق خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سميت عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران عدالت شيخ رشيد جي ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.عدالت ايندڙ تاريخ تائين جاچ مڪمل ڪري رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جنهن بعد عدالت شيخ رشيد ۽ راشد شفيق جي عبوري ضمانت ۾ 4 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ادارن جو هميشه احترام ڪيو ويندو آهي، منهنجو 9 مئي جي ڪيسن سان ڪو به تعلق ناهي، مان 8 مئي کان 16 مئي تائين هتي نه هو.هن چيو ته الله بهتر ڪندو، جيڪڏهن جيئرو آهيان ته اليڪشن ضرور وڙهندس، قلم جي اشاري تي اين اي 56 ۽ 57 تان اليڪشن وڙهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو