لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت 9 مئي جي جوابدارن جي جيل ۾ روزاني ٽرائل جي فيصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.لاهور ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ 9 مئي ۽ جڑانوالا واقعن جي حوالي سان پيش رفت جو جائزو ورتو ويو.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي 3 وزيرن ۽ اعليٰ آفيسرن تي ٻڌل ٽيم کي جڑانوالا جو دورو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.اجلاس ۾ 9 مئي تي جيل ۾ جوابدارن جي روزاني ٽرائل جي فيصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.هن 9 مئي جي واقعن بابت لاهور جا سمورا چالان 3 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جڑانوالا ۾ 9 گرجا گهرن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي وڌيڪ 13 گرجا گهرن جي تعمير ۽ بحالي جو ڪم 2 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.










