9 مهينن جي مقرر ٽارگيٽ کان وڌيڪ ٽيڪس وصولي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو هلندڙ مالي سال جي ابتدائي 9 مهينن جي ٽيڪس وصولي جو ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. ايف بي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ بڌايو ويو آهي ته پهرين 9 مهينن جي ٽارگيٽ کان 30 سيڪڙو اضافي ٽيڪس گڏ ڪئي وئي آهي. ڪل وصولي 6 هزار 710 ارب رپيا ٿي آهي. ايف بي آر موجب ان عرصي ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 6 هزار 707 ارب رپيا هو، اهڙي ريت ايف بي آر مقرر هدف کان 3 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪيا آهن. ايف بي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 369 ارب رپين جا ريفنڊز به جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 254 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا هئا. رڳو مارچ مهيني ۾ 879 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا. مارچ جي مهيني ۾ 67 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل سال مارچ ۾ 22 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو