9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي معافي ڏيارڻ ئي مشن آهي

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 9 مئي ۾ ملوث ۽ روپوش ماڻهن کي معافي ڏيارڻ هاڻ منهنجو عام مشن آهي. اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته مان سموري قوم جو پنهنجي مائرن، ڀينرن، ڌيئرن جو ٿورائتو آهيان جنهن جي دعائن سان 40 ڏينهن کان پوءِ مون کي آزادي نصيب ٿي.شيخ رشيد چيو ته مون کي مون کي خبر نه آهي ته مون 40 ڏينهن ڪٿي گذاريا پر مون کي 40 ڏينهن جي چلي ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچائي وئي.هن چيو ته هاڻ منهنجي زندگي جو مشن ان سمورن ماڻهن جي جيڪي روپوش آهن يا لڪل آهن يا جن کان 9 مئي تي ڪا غلطي ٿي آهي يا جيڪي بي گناهه جيلن ۾ آهن انهن کي عام معافي ڏيارڻ آهي. هن چيو ته سموري قوم هن امن مشن ۾ منهنجي ٽوئيٽر تي منهنجو ساٿ ڏئي. مون ڪڏهن به پنهنجي ٽوئٽر جي اپيل ناهي ڪئي پر اڄ مان پهريون ڀيرو اپيل ڪري رهيو آهيان ته 9 مئي جي غلطي جن ماڻهن کان ٿي آهي ان جي عام معافي جي اپيل واري مشن ۾ منهنجو ساٿ ڏين.هن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي کان مان هن مشن جي شروعات ڪري رهيو آهيان قوم جي دعائن جي ضرورت آهي. انشاءَالله ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجندي ۽ رب پاڪ اسان جي مائرن، ڀينرن، ڌيئرن جي دعائن جي صدقي هن مشن ۾ ضرور ڪاميابي عطا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو