9 مئي واري واقعي ۾ ڪارڪن نه ٻيو ڪو ملوث هو: عمران خان

9 مئي واري واقعي ۾ ڪارڪن نه ٻيو ڪو ملوث هو: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ)جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ باهه لڳڻ جي 6 ڪيسن جي جاچ ڪئي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 9 مئي سانحي جا 6 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن تي کانئس جاچ ڪئي پئي وڃي.جي آءِ ٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن عمران ڪشور سميت سڄي جي آءِ ٽي ٽيم عمران خان کان 9 مئي جي واقعن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي جي واقعن کان انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي چيو ته توهان وٽ 9 مئي جي حوالي سان اشتعال انگيز ثبوت موجود آهن، جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مون کي گرفتار ڪيو ويو آهي، فون ڪري ڪنهن کي به اڪسايو ناهي.ذريعن موجب جي آءِ ٽي ميمبرن چيو ته اهڙيون وڊيوز ۽ ڪلپس آهن، جن ۾ مظاهرين سندس نالي جا نعرا هڻندي نظر اچي رهيا آهن، جنهن تي عمران خان چيو ته هن ڪنهن کي به اکسايو ناهي، هو سڀ پاڻ ئي ڪنٽونمينٽ واري علائقي ۾ ويا آهن. منهنجي پارٽي جو ڪو ڪارڪن نه، ڪو ٻيو ملوث هو.جي آءِ ٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم چيئرمين پي ٽي آءِ کي چيو ته وڪيل کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويندو، جاچ لاءِ آيا آهيون، جي آءِ ٽي چيئرمين پي ٽي آءِ سان جمعي تي اٽڪ جيل ۾ 30 منٽن تائين ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو