9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ کي ٻاهرين مدد حاصل هئي، رانا ثناالله

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن جي صلاحڪار رانا ثناالله انڪشاف ڪيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ٻاهرين مدد به حاصل ڪئي، جيڪڏهن ڪابينا فيصلو ڪيو ته پي ٽي آءِ کي ٻاهرين مدد سان ثبوتبه پيش ڪري سگهن ٿا، هن خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائنيدي چيوته 9 مئي تي ملڪ ۾ وڳوڙن لاءِ پي ٽي آءِ کي بيروني مدد حاصل هئي، پي تي آءِ جيڪو ڪجهه به ڪيو ان لا3کيس بيروني فنڊنگ حاصل هئي، دشمن ملڪ پي ٽي آءِ جي ذريعي پاڪستان ۾ ڏڦير چاهين ٿا، رانا ثناالله چيو ته پي ٽي آءِ باني کي عدالت اجازت ناهي ڏني ته جيل ۾سياسي ڪانفرنسون، ميٽنگون ڪري، عمران خان کي اها اجازت ناهي ته هو جيل ۾ رهي اهڙي رٿابندي ڪري جو ٻاهر افراتفري ٿئي، هن چيوته ماضي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف تي به پابندي مڙهي وئي هئي ته هو جيل ۾ ڪنهن سان نه ملي سگهي، اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت نه ملڻ بابت سوال تي وزيراعظم کي صلاحڪار چيتهو پي ٽي آءِ پاران محرم جي شروع ۾ جلسو ڪرڻ مناسب نه هو، پي ٽي آءِ سياسي طور تي افراتفري ڪرڻ لاءِ جسلو چاهي پئي، هن چيو ته مقامي انتظامي جومعاملو آهي، يقينن ان وٽ ڪجهه اهڙيون انٽيلجينس رپورٽون هونديون، جنهن جي بنياد تي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو