88 ڪلوگرام منشيات هٿ،6 شڪي گرفتار

88 ڪلوگرام منشيات هٿ،6 شڪي گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) 5 ڪاررواين دوران 88.8 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي ۽ 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون هري پور، تربت، واشڪ ۽ سيال موڙ ۾ ڪيون ويون.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائين دوران 76.8 ڪلوگرام حشيش، 7 ڪلوگرام آفيم، 3 ڪلوگرام هيروئن ۽ 2 ڪلوگرام برف هٿ ڪئي وئي.
ترجمان موجب گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 جي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو