ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ تي 84 انچ قطر جي واٽر سپلاءِ لائين ٻيهر ڦاٽي وئي.ڪراچي يونيورسٽي ويجهو بي آر ٽي ريڊ لائين جي تعميراتي ڪم دوران پاڻي جي لائين ڦاٽڻ سبب شهر کي 70 سيڪڙو پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي.واٽر بورڊ جي ترجمان موجب ٽٽل پائيپ لائين سبب شهر ۾ روزانو 250 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ آهي.15 ڏينهن ۾ هي ٽيون ڀيرو آهي جڏهن بي آر ٽي لائين تعميراتي ڪم سبب ڦاٽي وئي آهي.ٻئي طرف واٽر ڪارپوريشن ٽرانس ڪراچي جي سي اي او کي خط لکي 35 لک رپيا هرجاڻي جو مطالبو ڪيو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته بي آر ٽي جي تعميراتي ٽيم ڪم دوران احتياطي اپاءَ ورتا، پائيپ لائين خراب ٿيڻ سبب شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سمورا مسئلا درپيش آهن.واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ هو ته رپورٽ ۾ ٺيڪيدارن جي لاپرواهي ۽ عدم تعاون کي حادثي جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو، واٽر لائن جي مرمت ۽ سپلائي بحال ڪرڻ تي 3.5 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا.










