فوتي شخص جي پٽن کي زمين کان محروم ڪرڻ خلاف اپيل رد

فوتي شخص جي پٽن کي زمين کان محروم ڪرڻ خلاف اپيل رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 75 ورهين جي مقتول شخص جي ٻن پٽن کي ملڪيت کان محروم ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ ملڪيتن جي ورڇ واري ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته 75 ورهين جي شخص جي موت کانپوءِ زمين جو تڪرار هليو.75 سالن جو بزرگ ٻن پٽن بدران ڪنهن ٻئي کي زمين ڇو تحفي ۾ ڏيندو؟ خدا کان ڊڄو.چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر آهي ته ڪيس ڪيئن ٿين ٿا، عدالتون اهڙيون بي بنياد ۽ من گھڙت مقدمن جي ڪري وقت ضايع ڪن ٿيون، بي بنياد مقدمن جي ڪري التوا وارن ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ 2006ع ۾ ملڪيت جي تڪرار تي دعويٰ داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت اڪلائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو