غزهه (ويب ڊيسڪ)حماس جي سينيئر اڳواڻ محمود مرداوي چيو آهي ته اهي اسرائيل سان ڳالهيون نه ڪندا جيستائين 620 فلسطيني آزاد نه ڪيا ويندا.بين الاقوامي ميڊيا موجب، 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو، اسرائيلي ٽينڪ اولهه ڪناري ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. اولهه ڪناري جي اترئين حصي مان 40,000 فلسطيني اتر ۾ پناهگير ڪئمپن مان بي گھر ٿيا آهن. گڏيل قومن 40,000 پناهگيرن جي بي گھر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.گڏيل قومن جي مطابق، 2000 ۾ فلسطيني مزاحمت جي شدت کان پوءِ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوجن جو هي سڀ کان وڏو آپريشن آهي.آمريڪي ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوجن هٿان 800 فلسطيني مارجي ويا آهن.يهودي آبادگارن جي فلسطيني علائقن ۾ داخل ٿيڻ ۽ انهن تي حملو ڪرڻ جي واقعن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي.










