اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواستن تي وضاحتون جاري ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججن وضاحت ڪئي آهي ته 12 جولاءِ واري فيصلي ۾ ڪو به ابهام ناهي. سپريم ڪورٽ جو 12 جولاءِ جو مختصر حڪم بلڪل واضح آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي.وضاحتي بيان ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا.وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ عمر ايوب کي جنرل سيڪريٽري تسليم ڪيو ويو آهي.وضاحتي بيان موجب حاصل ڪيل سيٽ کي فوري طور تي ان سياسي پارٽي جي حاصل ڪيل سيٽ سمجهي ويندي.ان کان پوءِ ڪو به عمل لاڳاپيل تاريخن تي ٿيل معاهدن کي تبديل نٿو ڪري سگهي، طئي ٿيل حيثيت موجب ڪامياب اميدوار پي ٽي آءِ جا آهن ججن وضاحت ڪئي ته واضح مسئلي کي پيچيده ڪرڻ، ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي رد ڪيو وڃي ٿو.ڪميشن طرفان جاري ڪيل لسٽ رڳو انتظامي عمل آهي.ان جو مقصد سمورن واسطيدار ماڻهن کي معلومات ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، قانوني طور تي پابند ڪيل ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪامي، انڪار جا نتيجا ٿي سگهن ٿا، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي فوري طور تي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي.وضاحتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي رجسٽرڊ سياسي پارٽي طور تسليم ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن پاران تحريڪ انصاف جي ميمبرن جا سرٽيفڪيٽ تسليم نه ڪرڻ غلط آهي. اليڪشن ڪمشنر کي به ان عمل جا آئيني ۽ قانوني نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا.جن سمورن ميمبرن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا آهن انهن تي تحريڪ انصاف جو تصور هوندو ۽ فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي به لاڳو هوندو. سپريم ڪورٽ جي ججن جي بيان موجب اليڪشن ڪميشن مونجهاري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي سختي سان رد ڪري ٿو.واضح ڪيل فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪمشنر کي فيصلي تي فوري عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چونڊ نشان کان محرومي ڪنهن به سياسي پارٽي جا حق ختم نه ٿي ڪري. پي ٽي آءِ سياسي جماعت هئي ۽ آهي، ان چونڊن ۾ به سيٽون کٽيون.اليڪشن ڪميشن کان وضاحت طلب ڪرڻ دراصل عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽ آهي. اليڪشن ڪميشن بئريسٽر گوهر علي خان کي تحريڪ انصاف جو چيئرمين تسليم ڪري ورتو آهي، پارٽي چيئرمين کي تسليم ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجو موقف تبديل نٿو ڪري سگهي، چونڊ نشان جي محرومي ڪنهن به سياسي جماعت جا حق ختم نه ٿي ڪري، پي ٽي آءِ هڪ سياسي پارٽي آهي، جنهن کي چونڊن ۾ به سيٽون مليون بينچ جنهن اڪثريت سان محفوظ ڪيل سيٽن جو فيصلو ڏنو ان ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس عرفان سعادت شامل آهن.










