400 يونٽ بجلي استعمال ڪرڻ وارن کي رليف ڏيڻ وارو پلان رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ ايم ايف 400 يونٽن تائين بجلي جي صارفين کي رليف ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.ذريعن موجب بجلي جي بلن ۾ صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ واري معاملي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ رابطو ٿيو آهي.ذريعن موجب ان موقعي تي 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کان قسطن ۾ بل وصول ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، بل قسطن ۾ وصول ڪرڻ جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ان قدم سان لڳ ڀڳ 4 لک بجلي صارفين کي عارضي رليف ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 32 لک صارفين کي 400 يونٽن تائين رليف جي صورت ۾ فائدو ٿي سگهي ٿو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف به بجلي ۽ گيس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ وصولي کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي ۽ پهرين جولاءِ کان گئس جي قيمتن ۾ 45 کان 50 سيڪڙو تائين واڌ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي قيمتن ۾ واڌ وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو